انساني بُڪي

انساني بُڪي

انساني بڪيءَ جي بناوت ۽ ڪم

انساني بڪيءَ جي بناوت ۽ ڪم: انساني جسم ۾ ٻه بڪيون ٿين ٿيون، جيڪي جسم جي پُٺ جي اندرئين پاسي واري ڀت سان منسلڪ آهن. هرهڪ بڪي رانهين (Bean) وانگر ٿئي ٿي. اِن جو ٻاهريون ڏيک اڀريل گولائي وارو (Convex) ٻاهر طرف ۽ا ندريون دٻيل گولائيءَ وارو (Concave) پاسو ڪرنگهي جي طرف ٿئي ٿو. بڪي تقريباً ساڍا چار انچ ڊگهي ۽ ٻه انچ ويڪري هوندي آهي. ساڄي پاسي واري بڪي، کاٻي پاسي واريءَ بڪيءَ کان ٿوري مٿي هوندي آهي. هرهڪ بڪيءَ جي دٻيل يا ڪانڪيو (Concave) پاسي مان هڪ نالي نڪري ٿي، جنهن کي ’يوريٽر‘ (Ureter) چئبو آهي. يوريٽرِ هيٺ وڃي مثاني ۾ کلندو آهي. بڪين مان پيشاب يوريٽر وسيلي مثاني ۾ ايندو آهي ۽ جڏهن مثانو پيشاب سان تقريباً ڀرجي ويندو آهي ته پيشاب لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو